پليجو عبدالحئي

پليجو عبدالحئي

پليجو عبدالحئي

پليجو، عبدالحئي: عبدالحئي ولد نور محمد پليجو 1945ع ڌاري ٻني ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. پيشي جي لحاظ کان زميندار آهي. شاگرد سياست ۾ سائين جي. ايم. سيد جو پوئلڳ رهيو. سندس والد سياسي اڳواڻ ۽ سائين جي. ايم. سيد جو رفيق رهيو. هو هڪ سٺو نثر نگار به آهي. هن ڪيترائي سفرناما لکيا آهن. الطاف شيخ کان پوءِ سفرنامن ۾ سندس نالو به مشهور آهي. سندس سفرنامن جو تفصيل هن ريت آهي:
(1) هُو جي وڻ ولايت جا (1984ع)، (2) ڏوريم ڏيساور (1983ع)، (3) ديس بديس (1991ع)، (4) ڪنواريون ۽ ڪنول (1991ع)، (5) ڪجل ڀنل نيڻ (سفرنامو: 2001)، (6) پريان سندي پار ڏي (2004)، (7) بندر مون ڏور ٿيا (2004ع) وغيره. ان کان سواءِ هڪ ڪتاب ’عالمي عجائبات‘ (2004) به ڇپيل اٿس. سندس رهائش ٻني شهر (ضلعي ٺٽي) ۾ آهي، جتي سندس زمينداري آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو